اميران بيگم

اميران بيگم

اميران بيگم

اميران بيگم: سنڌي سھرن جي راڻي اميران بيگم 1960ع ۾، گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ يارو لنڊ/صاحب لنڊ ۾، الھڏني مڱڻھار جي گهر ۾ پيدا ٿي. ننڍپڻ ۾ والد کان ئي راڳ جي سکيا ورتي ۽ 18 سالن جي ڄمار ۾ ڳيچ ڳائڻ شروع ڪيا. اميران بيگم جا هڪ سؤ کان وڌيڪ البم رليز ٿيا، جن مان 90 البم سھرن جا ۽ 10 البم گيتن تي مشتمل هُئا. اميران بيگم جي ڳايل ’لؤنگ ڦوٽا ٿالھيءَ ۾، آئون کنيو پئي اچان‘، ’تنھنجي هٿ ۾ آ فون، هيلو هيلو پيو ڪرين‘، ’جھڙو گهوٽ سھڻو تھڙي ڪنوار آهي‘، ’تنھنجي واچ، تنھنجي مُنڊي‘ ۽ ’سھڻا کِل ته سھي‘ سھرن کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي. اميران بيگم سنڌي کانسواءِ سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ به گيت ڳايا. ٻه سال ڇاتيءَ جي ڪئنسر جي بيماريءَ سان وڙهندي، 8 جون 2012ع تي وفات ڪئي. کيس 4 پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.


لفظ اميران بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو